حديث پاڪ

حديث پاڪ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب اصل ۾ خليل الرحمٰن چشتيءَ جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو انجينئر عبدالمالڪ ميمڻ ڪيو آهي، جڏهن ته پروفيسر مراد علي راهمون ۽ مولانا اميرالدين مهر پاران نظرثاني ٿيل آهي. هي ڪتاب حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي حديثن جي اهميت ۽ ضرورت واري موضوع تي لکيل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2009ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي طرفان شايع ٿيل آهي. هي ڪتاب 16 بابن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ حديثن بابت نهايت مفيد معلومات ڏني وئي آهي ۽ ترجمو عام فهم زبان ۾ آهي. رنگين ۽ پڪي جلد واري 230 صفحن تي مشتمل، ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 160 روپيا آهي.


لفظ حديث پاڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو